سنڌ جي سمورن مڪاني کاتن ۾ مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي مڪاني کاتن واري وزير سمورن مڪاني ادارن ۾ مقررين ۽ بدلين تي پابنڊي لاڳو ڪري ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ميونسيپل ڪمشنرز کي مقررين ۽ بدلين کان روڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن تي پابندي وارو فيصلو لاڳو نه هوندو.
نوٽيفڪيشن موجب، مڪاني کاتن واري وزير جي اجازت کان سواءِ ڪا به مقرري ۽ بدلي نه ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.