سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ سکڻ ڇو ضروري آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ جي جديد دور ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال سڀ کان وڌيڪ ٿي رهيو آهي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي سڄي دنيا کي هڪ ٻئي جي ويجهو ڪيو ويو آهي ۽ صحت، تعليم، مواصلات سميت هر شعبي ۾ ٽيڪنالاجي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

ان جو هڪ زبردست مثال سوشل ميڊيا آهي جنهن رابطن جا طريقا ئي تبديل ڪري ڇڏيا آهن ۽ هن جي ذريعي سڄي دنيا جي ماڻهن سان سولا رابطا ڪري سگهجن ٿا، ڪنهن به ڄاڻ ڏيڻ يا حالتن کان آگاهه رهڻ لاءِ ماڻهو سوشل ميڊيا جو رخ ڪن ٿا، ان لاءِ سوشل ميڊيا کي مارڪيٽنگ لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو جتي پراڊڪٽس ۽ سروسز جي مشهوري ڪئي وڃي ٿي.

گذريل ڪجهه وقت ۾ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ جي شعبي ۾ تيزي آئي آهي ۽ سوشل ميڊيا جي مارڪيٽنگ جي مهارت سکڻ ڪنهن ڪاروباري يا هنرمند لاءِ وسيع ماڻهن تائين پهچڻ جو بهترين ذريعو آهي، اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ هر ڪاروبار جو حصو بڻجي وئي آهي ۽ ان لاءِ ماڻهو رکيا ويندا آهن.

ان جا ڪجهه مکيا سبب آهن جن ۾ وسيع رسائي، گهٽ خرچ، تيزي سان مشهوري ۽ سڌي ريت موٽ ملڻ شامل آهن، هي اهو شعبو بڻجي ويو آهي جنهن جو استعمال ٽيڪنالاجي ۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو کي سکڻ گهرجي.

هن وقت سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا مينيجر، سوشل ميڊيا اسپيشلسٽ، ڪانٽينٽ ڪريئيٽر، سوشل ميڊيا اينالسٽ، ڊيجيٽل مارڪيٽنگ مينيجر کان ويندي وڏي پئماني تي جايون آهن جيڪي تيزي سان وڌي رهيون آهن، سوشل ميڊيا جي فائدن کي ڏسندي ان جي سکيا حاصل ڪرڻ ڄاڻايل شعبن ۾ ڪيريئر ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

جيڪڏهن اوهان جي نوڪري سوشل ميڊيا، ڪميونيڪيشنز ۽ مارڪيٽنگ سان لاڳاپيل آهي ته ان صورتحال ۾ گراهڪن ۽ واهپيدارن جو ڌيان حاصل ڪرڻ مکيا مهارت آهي. ان لاءِ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ سکڻ اوهان لاءِ فائديمند ثابت ٿئي ٿو، اهڙا ڪورس مختلف ادارا ڪرائي رهيا آهن جن ۾ اڪثر مفت سکيا ڏين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.