اسلام آباد ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو آءِ ٽي پارڪ ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ترقياتي اداري ( سي ڊي اي) اسلام آباد ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو آءِ ٽي پارڪ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سي ڊي اي موجب سيڪٽر جي 10 ۾ 3.3 ايڪڙ ايراضي تي آءِ ٽي پارڪ ٺاهڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، آءِ ٽي پارڪ جي حوالي سان پلاٽ به مختص ڪيو ويو آهي.
سي ڊي اي موجب آءِ ٽي پارڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت قائم ڪيو ويندو، پارڪ جو ڪورڊ ايريا 1 لک چورس فوٽ هوندو، پارڪ ۾ 5 کان 6 هزار فري لانسرز ڪم ڪري سگھندا، آءِ ٽي پارڪ ۾ فري لانسرز، اسٽارٽ اپس لاءِ ورڪنگ اسپيس ۽ سافٽ ويئر هائوسز لاءِ هنڌ مختص ڪيو ويندو.
آءِ ٽي پارڪ ۾ لائبريري، آءِ ٽي شين جي نمائش لاءِ به هنڌ مختص هوندو.
آءِ ٽي پارڪ ۾ رسرچ سينٽرز، ڪانفرنس هالز، ميٽنگ رومز لاءِ به جاءِ مختص ڪئي ويندي.
آءِ ٽي پارڪ بڻائڻ جا سمورا خرچ نجي ڪمپنيون برداشت ڪنديون، 15 سال کان پوءِ اهو پارڪ مڪمل طور تي سي ڊي اي جي حوالي ٿي ويندو، پارڪ ۾ نجي ڪمپنيون جاءِ ڪرائي تي وٺي آءِ ٽي آفيسون بڻائي سگھندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.