وٽامن ڊي ۽ ڪيلشيم ڪينسر کان بچائين ٿا: تحقيق

وٽامن ڊي ۽ ڪيلشيم جي مناسب مقدار جو استعمال ڪينسر جي مختلف قسمن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو گھٽائيندو آهي.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
ايريزونا يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وٽامن ڊي ۽ ڪيلشيم اهڙا غذائي جُز آهن جيڪي ڪينسر جهڙي موتمار مرض کان تحفظ لاءِ اهم ثابت ٿي سگھن ٿا.
هن تحقيق ۾ وچولي عمر جي 36 هزار کان وڌيڪ عورتن کي شامل ڪيو ويو هو جن کي 2 ڌڙن ۾ ورهايو ويو.
هڪ ڌڙي کي وٽامن ڊي ۽ ڪيلشيم سپليمينٽس جڏهن ته ٻئي ڌڙي کي placebo استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ان کان پوءِ ڄاڻايل عورتن جي صحت جو جائزو 7 ورهين تائين ورتو ويو.
نتيجن مان خبر پئي ته وٽامن ڊي ۽ ڪيلشيم جي استعمال سان ڪينسر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو 30 سيڪڙو تائين گھٽجي ويندو آهي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته وٽامن ڊي ۽ ڪيلشيم جي سپليمينٽس جي استعمال سان بريسٽ ۽ Colon ڪينسر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو گھٽ هوندو آهي.
محققن موجب صحت لاءِ فائديمند غذائن جهڙوڪ ڀاڄين، اناج ۽ دالين جي استعمال سان سٺي صحت لاءِ ضروري آهي جنهن سان ڪيلشيم ۽ وٽامن ڊي به جسم کي ملي وينديون آهن.
هنن وڌيڪ چيو ته سپليمينٽس جو استعمال ان وقت ڪرڻ گھرجي جڏهن غزا جي ذريعي اوهان انهن کي جسم جو حصو بڻائڻ کان قاصر هجو.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل Annals of Internal Medicine ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.