علي امين گنڊاپور جي نااهلي خلاف درخواست اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي نااهلي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي کيس نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي نااهلي جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن لکت ۾ مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو ۽ درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي لاءِ 26 مارچ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ محمد ڪفيل نالي شهري درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ علي امين گنڊاپور تي اثاثا لڪائڻ جو الزام مڙهيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.