اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل طرفان ” پارٽيشن “ جي لفظن تي رمارڪس ڏيندي چيو ته پارٽيشن بدران ” آزادي کانپوءِ “ جا لفظ استعمال ڪريو.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ چترال زميني تڪرار واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
چيف جسٽس درخواست گذار جي وڪيل کي چيو ته مفروضن جي بنياد تي ڪيس نٿا هلائي سگهون، ڪو ثبوت آهي ته ڏيکاريو.
ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل جي ” پارٽيشن “ لفظن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ” پارٽيشن“ بدران ” آزادي کانپوءِ “ جا لفظ استعمال ڪيو.
چيف جسٽس چيو ته پارٽين جا لفظ ڀارتي استعمال ڪري سگهن ٿا ڇو ته هو ڪڏهن حڪمران ناهن رهيا، اسان کي فخر سان آزادي حاصل ڪرڻ وارا لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن.
عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي، ان کان اڳ به درخواست گذار سول ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ به جائيداد جي ملڪيت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هو.
You might also like