حسين نواز ۽ حسن نواز لنڊن کان لاهور پهچي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي قائد نواز شريف جا پٽ ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جا ڀائر حسين نواز ۽ حسن نواز لنڊن کان لاهور پهچي ويا آهن.
ذريعن موجب، نواز شريف جاتي امرا پهچڻ تي ٻنهي پٽن جي آجيان ڪئي.
ياد رهي ته حسين نواز ۽ حسن نواز ڊگهو عرصو لنڊن ۾ موجود هئا، ڪجهه ڏينهن اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٽن ريفرنسز ۾ نواز شريف جي پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي.
درخواست تي ٻڌڻي دوران حسين نواز ۽ حسن نواز جي وڪيل جو چوڻ هو ته حسن ۽ حسين نواز ٻارنهن مارچ تي پاڪستان اچڻ ۽ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهن ٿا، ان تي عدالت ۾ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدارن کي پيش ٿيڻو پوندو، ان جي بنا گرفتاري وارنٽ معطل نٿا ٿي سگهن.
بعد ۾ احتساب عدالت حسن نواز ۽ حسين نواز جا دائمي گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا هئا.
عدالت 14 مارچ تائين ٻنهي جا العزيزيه، فليگ شپ ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ دائمي گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا هئا.
واضح رهي ته حسن ۽ حسين نواز ايون فيلڊ، فليگ شپ ۽ العزيزيا ريفرنس ۾ درخواستون داخل ڪيون هيون، جنهن ۾ گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي.
احتساب عدالت 7 سال اڳ ٻنهي جوابدارن کي انهن ريفرنسز ۾ اشتهاري قرار ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.