وفاقي ڪابينا جي پهرئين اجلاس ۾ وڏو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ڪيلي ۽ بصر جي برآمد تي 15 اپريل 2024 تائين پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نئين چونڊيل وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي غور ويچار ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا.
وفاقي ڪابينا ڪيلي ۽ بصر جي برآمد تي 15 اپريل 2024 تائين پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فوري طور ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ان عمل ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.