ڊگري تي ماءُ جو نالو به لکڻو پوندو: هاءِ ڪورٽ جو حڪم

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) دهلي هاءِ ڪورٽ سڃاڻپ جي برابري ۽ برابري جي موقعن کي اهم قرار ڏيندي شاگردن جي تعليمي سندن تي ماءُ پيءُ ٻنهي جي نالن بابت اهم فيصلو ڏنو آهي.

عدالت چيو ته شاگردن بابت هر ان دستاويز تي جنهن تي والد جو نالو هوندو آهي، ماءُ جو به لکيو وڃي.

عدالت اهو به واضح ڪيو آهي ته سڀني يونيورسٽين لاءِ حڪم تي عمل ڪرڻ لازمي هوندو.

اهڙو حڪم هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سي هري شنڪر قانون جي شاگردياڻي ريتيڪا پرساد جي درخواست تي ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.