رمضان المبارڪ دوران موسم ڪيئن رهندي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي رمضان المبارڪ جي شروعات ۾ موسم خوشگوار رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي پر مارچ جي آخري هفتي کان موسم گرم ٿيڻ شروع ٿي ويندي.
ملڪ جي مختلف حصن ۾ برساتن سبب موسم ٿڌي آهي ۽ موسميات کاتي رمضان مهيني جي شروعات ۾ به موسم خوشگوار رهڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته پهرئين ڏهاڪي ۾ موسم خوشگوار رهندي پر مارچ جي آخري هفتي کان موسم گرم ٿيڻ شروع ٿي ويندي.
هوڏانهن اولهه هوائن جو نئون سلسلو بلوچستان ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.