ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئاريندڙن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئاريندڙن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ڪي پي جي صحت واري وزير قاسم علي شاهه صحت جو قلمدان سنڀاليو ته هيلٿ سيڪريٽري محمود اسلم وزير کيس مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني.
ان موقعي تي قاسم علي شاهه اعلان ڪيو ته جيڪو ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئاريندو، ان جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.