جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو انشاءَالله چئي ڇڏيو

جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو انشاءَالله چئي ڇڏيو، جنهن تي واهپيدارن مليل جليل ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
تازو پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي پرتگال سان واسطو رکندڙ اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو هڪ پوسٽ ڪئي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي تصوير به شيئر ڪئي.
پوسٽ ۾ رونالڊو لکيو ته ”ان کي ٻئي پاسي ٽرن ڪرڻ لاءِ تيار آهيان“، گڏوگڏ هن انشاءَالله به لکيو.
پوسٽ ۾ رونالڊو جي چهري تي مُرڪ ڏسي سگهجي ٿي، جڏهن ته هو فٽبال بابت ڳالهائي رهيو هو.
عام طور تي مسلمان جڏهن به ڪو ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪندو آهي ته انشاءَالله ضرور چوندو آهي ته جيئن ان ۾ الله پاڪ جي رضا شامل هجي.
ڪرسٽيانو رونالڊو جي ان پوسٽ تي واهپيدارن مليل جليل ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ واهپيدار لکيو ته هي جملو ئي رڳو 200 ملين پائونڊن جو آهي، جڏهن ته ٻئي واهپيدار لکيو جيئن ئي هن انشاءَالله چيو، هو پنهنجي وقت جو عظيم فٽبالر بڻجي ويو.
هڪڙي واهپيدار لکيو ته ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا ڪرڻو پئجي رهيو آهي، هڪڙي انشاءَالله تي جذباتي ايموجي شيئر ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.