آمريڪا صدارتي چونڊن ۾ مداخلت ڪئي ته اها جارحيت هوندي: روس

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس پنهنجي امڪاني صدارتي چونڊن ۾ آمريڪا تي مداخلت جو الزام هڻندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته ان عمل کي جارحيت سمجهيو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي انٽيليجنس سروس (ايس وي آر فارن) دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن روس جي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي.
روسي انٽيليجنس سروس دعويٰ ڪئي آهي ته واشنگٽن طرفان چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ آن لائن ووٽنگ سسٽم تي سائبر حملي جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي.
روس چيو آهي ته آمريڪا طرفان امڪاني مداخلت جي ڪنهن به ڪوشش کي جارحيت سمجهيو ويندو.
روسي انٽيليجنس موجب جو بائيڊن آمريڪي اين جي اوز کي روس ۾ صدارتي چونڊن ۾ گهٽ ٽرن آئوٽ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، جڏهن ته آمريڪي آءِ ٽي ماهرن جي مدد سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ سسٽم تي سائبر حملا به ڪري سگهجن ٿا، جنهن سان وڏي انگ ۾ ووٽ شمار نه ٿي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.