ڪيري ڀِت بڻجي ويو، آسٽريليا هٿان ٽيسٽ سيريز ۾ نيوزيلينڊ وائيٽ واش

ڪرائسٽ چرچ ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي ٽن وڪيٽن تان هارائي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ٻه ٻڙي تان پنهنجي نالي ڪرڻ سان گڏوگڏ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪري ورتي.
ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا 279 رنسن جو هدف ست وڪيٽن تي حاصل ڪري ورتو، هدف پٺيان ڊوڙندي آسٽريليا جون پنج وڪيٽون اسي رنسن تي ڪِري پيون هيون.
جنهن کانپوءِ مچل مارش 80 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر ايلڪس ڪيري 98 ۽ ڪپتان ميٽ ڪيمنز 32 رنسن جي نقابلِ شڪست اننگز کيڏي ٽيم کي فاتح بڻايو.
نيوزيلينڊ خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز آسٽريليا کي 2-0 تان کٽي ورتي.
شاندار بيٽنگ تي ايلڪس ڪيري پليئر آف دي ميچ جڏهن ته مئٽ هينري کي پلئير آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
نيوزيلينڊ کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ آسٽريليا آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ ٻي پوزيشن اچي ويو آهي.
آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ ڀارت جي پهرين پوزيشن آهي جڏهن ته آسٽريليا هٿان شڪست کانپوءِ نيوزيلينڊ ٽين پوزيشن تي هليو ويو آهي.
ٽيسٽ چيمپيئن شپ پوائنٽس ٽيبل تي بنگلاديش جو چوٿون ۽ پاڪستان جو پنجون نمبر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.