سر سيد يونيورسٽي المنائي ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ مڃتا تقريب

ڪراچي (پ ر) سر سيد يونيورٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي المنائي ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ مڃتا تقريب ٿي جنهن ۾ رات جي ماني جو به بندوبست ڪيو ويو. تقريب ۾ ڪاليجن جي سربراهن، شعبن جي سربراهن، فيڪلٽي سميت موجوده ۽ اڳوڻي شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سر سيد يونيورسٽي المنائي ايسوسيئيشن طرفان دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ثمرين حسين، پي ڊبليو سي پاڪستان جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر عبدالقادر، آءِ بي اي جي انوينٽر اينڊ گلوبل پروگرام مينيجر محمد جواد پراچا ۽ سي آءِ او جي جنرل مئنيجر افتخار عارف کي لاڳاپيل شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ايوارڊز سان نوازيو ويو.

المنائي ائسوسيئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي مشهور صنعتڪار ۽ سماجي اڳواڻ بشير جان محمد چيو ته صنعت جو دائرو گهٽجي رهيو آهي، جنهن ڪري روزگار جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي، شاگردن کي وقت جي گهرجن موجب تعليم ۽ هنر سيکارڻو پوندو، اهو وقت جي اهم ضرورت آهي. اسان کي گهرجي ته گڏجي نون خيالن تي ڪم ڪريون. سڄي دنيا جي يونيورسٽين ۾ انڊومينٽ فنڊز جو ڪاٿو وڌائڻ ۾ المنائي مک ڪردار ادا ڪندا آهن.

سرسيد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جاويد انوار چيو ته سرسيد يونيورسٽي جي اڳوڻي شاگردن المنائي ايسوسيئيشن جي نالي سان رجسٽرڊ باڊي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جيڪا سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ وجود ۾ آئي آهي، اسد الله چوڌري المنائي ايسيسيئيشن جو پهريون نامزد صدر آهي ۽ ٻن سالن کانپوءِ چونڊن ذريعي ايسوسيئيشن جي عهديدارن ۽ ميمبرن کي چونڊيو ويندو. اڄوڪي تقريب جا ٻه مقصد هئا، پهريون المنائي ايسوسيئيشن جي ميمبرن جو اوهان سان تعارف ڪرايو وڃي، ٻيو سر سيد يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن جي لاڳاپيل شعبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۽ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ تي کين موٽ ڏني وڃي. سر سيد يونيورسٽي جي گريجوئيٽ شاگردن نه رڳو پاڪستان پر عالمي سطح تي به پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي سر سيد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ولي الدين چيو ته سڄي دنيا ۾ تيزي سان ٿيندڙ تبديلين عالمي پس منظر کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ترقي ۽ ڪاميابيءَ جا معيار مڪمل طور تبديل ٿي ويا آهن، ان بابت اڳڪٿي نه ٿي ڪري سگهجي ته مستقبل ۾ حالتن جو رخ ڪهڙو هوندو. ايلومنائي ايسوسيئيشن جو بنيادي مقصد موجوده ۽ اڳوڻي شاگردن جي وچ ۾ تعلق کي مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف طريقن سان يونيورسٽي جي ترقي ۽ بهتري لاء ڪم ڪرڻ آهي، ايلومنائي پنهنجي يونيورسٽي جا سفير آهن.

سرسيد يونيورسٽي ايلومنائي ايسوسي ايشن جي نامزد صدر اسدالله چوڌري چيو ته صنعت ۽ اڪيڊميا لاڳاپا ان وقت تائين ترقي نٿا ڪري سگهن جيستائين شاگردن پاران تيار ڪيل پروجيڪٽ يا پراڊڪٽ صنعت جي ضرورتن مطابق نه هجن، اسان کي نوان خيال ۽ نيون تخليقون پيش ڪرڻ لاءِ ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي. اسان کي روايتي سوچ کي تبديل ڪندي فنڊز فنڊز لاءِ نه پر انويسٽيمينٽ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.

سر سيد يونيورسٽي جي رجسٽرار سيد سرفراز علي چيو ته ايلومنائي ايسوسيئشن يونيورسٽي ۽ ان جي شاگردن جي وچ ۾ هڪ ڪڙي جي حيثيت سان ڪم ڪري ٿي ۽ پنهنجي ميمبرن لاءِ نه رڳو بهترين سپورٽ سسٽم فراهم ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ٿي پر شاگردن کي پروفيشنل ورلڊ سان به جوڙي ٿي. اسان کي عالمي ترقي جي رفتار سان جڙڻو پوندو.

پڄاڻي واري تقريب تي ٿورا مڃيندي المنائي ايسوسيئيشن جي نامزد جنرل سيڪريٽري احراز ذاهد چيو ته اسان سر سيد يونيورسٽي کي ترقي جي نئين منزل تائين کڻي ويندا. اسان جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته اوهان سڀني جي سهڪار سان اسان پنهنجي مادر علمي کي ايڪسيلينس ڏانهن وٺي وينداسين. ان موقعي تي انتظام جا فرض اي ڪي ميمڻ انجام ڏنا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.