چونڊ نتيجن خلاف احتجاج دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسا ۽ سلمان اڪرم راجا گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ لطيف کوسا ۽ سلمان اڪرم راجا کي پوليس لاهور ۾ احتجاج دوران گرفتار ڪري ورتو.
لطيف کوسا جي پٽ موجب سندس پيءَ کي پوليس صدر گول چڪر مان گرفتار ڪيو، سندس گاڏي ٿاڻي ۾ آهي پر هو موجود ناهي، ڳڻتي آهي ته هو الائي ڪٿي آهي.
تحريڪ انصاف اڳواڻ سلمان اڪرم راجا کي به پوليس اڇرا مان گرفتار ڪري ورتو.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ چونڊ نتيجن خلاف احتجاج ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.