عثمان خان پاڪستان سپر ليگ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ملتان سلطانز جي جارحاڻي بيٽر عثمان خان پاڪستان سپر ليگ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي.
آچر ڏينهن اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف ملتان سلطانز جي عثمان خان 50 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي، هو پي ايس ايل جي ڪنهن به ايڊيشن ۾ ٻه سينچريون اسڪور ڪندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو آهي.
عثمان خان 3 مارچ تي ڪراچي ڪنگز خلاف به سينچري اسڪور ڪئي هئي، جڏهن ته هن 27 فيبروري تي لاهور قلندرز خلاف 96 رنسن جي اننگز کيڏي هئي.
اها مجموعي طور عثمان خان جي پي ايس ايل ۾ ٽين سينچري آهي، جنهن کانپوءِ پي ايس ايل ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچرين جو ڪامران اڪمل جو رڪارڊ به برابر ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.