سعودي حڪومت طرفان بلوچستان جي برسات متاثرن لاءِ امداد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت پاران بلوچستان جي برسات متاثرن لاءِ امدادي سامان فراهم ڪيو ويو.
اسلام آباد ۾ سعودي سفير سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته سعودي عرب گوادر ۾ برساتن سبب متاثر ماڻهن جي مدد ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته سموري نقصان جو ازالو ڪنداسين، گوادر ۾ برساتن سبب وڏي تباهي ٿي آهي، هن ڀيري جيتري برسات پئي ايتري ڪڏهن ناهي پئي.
سندس چوڻ هو ته امداد تي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃان ٿو، گوادر جا ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا، اسان هڪ هفتي اندر عوام کي امداد ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.
بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ وڏو چئلينج آهي، بلوچستان جي نئين حڪومت سمورن چئلينجن کي منهن ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.