قاضي احمد: شاديءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل، حادثي ۾ 6 ڄڻا فوت، 20 زخمي

قاضي احمد (ويب ڊيسڪ) قاضي احمد ڀرسان ڄاڃين سان ڀريل ڊاٽسن ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
قومي شاهراهه تي علمدار چوڪ ڀرسان ڄاڃين سان ڀريل ڊاٽسن ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻارن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو.
فوتين ۾ فوتين جي غفوران، عابد سولنگي، علي گل، افسانا، صدورو، رسول بخش سولنگي شامل آهن جڏهن ته شازيا، آمنا، اياز، آست، دلبر بگي ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا آهن.
سولنگي برادري جي ڄڃ دولتپور ڀرسان ڳوٺ بچو راهو سڪرنڊ وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو.
حادثي بعد قاضي احمد پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي تحويل وٺي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.