موهن جو دڙو ڀرسان روڊ حادثو، 3 ڄڻا فوت

موهن جو دڙو (ويب ڊيسڪ) موهن جي دڙي ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ايئرپور ٿاڻي جي حد گھانگھرو لاڙي وٽ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي احمد علي کيڙو، 5 ورهين جي ٻارڙي بسمه ۽ 4 سالن جو ٻارڙو ساجد علي ٿڏي تي فوت ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا مڙهه ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيا جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا.
ٻي پاسي پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.