دماغي صحت بهتر بڻائڻ جو راز؟

هڪ ننڍي پر انوکي تحقيق مان خبر پئي آهي ته اڌڙوٽ يا وڏي عمر ۾ فائبر سان ڀرپور غذائون کائڻ سان دماغي صحت بهتر ٿي سگھي ٿي.
ماهرن موجب رڳو ٽن مهينن تائين به فائبر سان ڀرپور خوراڪ کائڻ سان به وڏي عمر جي ماڻهن جي ماڻهن جي دماغي صحت نه رڳو بهتر ٿي سگھي ٿي پر اُهي ڊيمينشيا ۽ الزائمر جهڙين بيمارين کان به محفوظ رهندا آهن.
طبي رسالي نيچر ڪميونيڪيشن موجب ماهرن فائبر جو دماغي صحت تي اثر ڄاڻڻ لاءِ تحقيق ڪئي.
ماهرن رضاڪارن جي هڪ ڌڙي کي فائبر سان ڀرپور خوراڪ جن ۾ کير، ڏهي، ڀاڄيون ۽ ميوا شامل هئا استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو جڏهن ته ٻئي ڌڙي کي هٿرادو دوا ڏني وئي.
ماهرن ٽن مهينن کان پوءِ رضاڪارن جي دماغي صحت جو جائزو ورتو ۽ هنن کان مختلف سوال ڪيا.
ماهرن سمورن رضاڪارن جي ذهن ۽ يادداشت جو جائزو وٺڻ لاءِ سندن ٽيسٽ به ڪئي ۽ بعد ۾ ٻين ماهرن کي به رضاڪارن جي ذهني صحت کي جاچڻ جي دعوت ڏني.
نتيجن مان خبر پئي ته رڳو ٽن مهينن تائين فائبر سان ڀرپور خوراڪ کائيندڙن جي نه رڳو ذهني صحت بهتر ٿي پر دماغ به متحرڪ ٿي ويو.
ماهرن تجويز ڏني ته خاص طور تي اڌڙوٽ ۽ وڏي عمر جي ماڻهن کي فائبر سان ڀرپور خوراڪ جو استعمال ڪرڻ گھرجي ته جيئن هو ذهني مسئلن جو شڪار نه ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.