حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ هڪ نوجوان وڪيل پسٽل جا فائر ڪري قانون جي شاگردياڻي کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.
قاسم آباد جي نسيم نگر پوليس پوسٽ جي حد نقاش ولاز واري علائقي ۾ ڪاليج مان پيپر ڏئي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي گهر ويندڙ قانون جي شعبي جي سيڪنڊ ايئر جي شاگرد 23 ورهين جي آغا آڪاش پٺاڻ ۽ سيڪنڊ ايئر جي شاگردياڻي سندس ڀيڻ 21 ورهين جي يسرا بتول تي ڪار ۾ سوار هڪ نوجوان پسٽل جا فائر ڪيا.
جوابدار ارشاد کوکر ٻنهي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو پيڇو ڪري رهيو هو، هن پهريان سندن موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، پوءِ ڪار مان لهي فائرنگ ڪئي ۽ پاڻ واپس ڪار جي ڊرائيورنگ سيٽ تي ويهي پسٽل سان پاڻ کي لونڊڙي ۾ گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.
فائرنگ ۾ ناري يسرا بتول ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس ڀاءُ آڪاش سخت زخمي ٿي پيو، جنهن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
Next Post
You might also like