ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ قاسم آباد ويجهو ڪار سوار هٿياربند موٽرسائيڪل سوار ڀيڻ ڀاءُ کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو جنهن بعد هن پنهنجو پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.
واقعو واڌو واهه ويجهو ان وقت پيش آيو جڏهن موٽرسائيڪل سوار آغا آڪاش ۽ سندس ڀيڻ يسريٰ پٺاڻ کي ڪار سوار ارشاد کوکر ٽڪر هڻي ڪڍيو.
ڪار سوار ٻنهي کي پسٽل جي گولين جو کاڄ بڻايو جنهن ۾ يسريٰ بتول پٺاڻ ٿڏي تي مارجي وئي جڏهن ته آڪاش مرڻينگ ٿي پيو.
جوابدار ارشاد کوکر ڪار ۾ ويهي پاڻ کي به گولي هڻي حياتي جو انت آڻي ڇڏيو.
ٽئي ڄڻا قانون جا شاگرد هئا جڏهن ته شروعاتي جاچ موجب ارشاد کوکر يسريٰ پٺاڻ کي پسند ڪندو هو.
واقعي کانپوءِ مقتولا يسريٰ جو لاش ۽ زخمي آڪاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
افسوسناڪ واقعي کانپوءِ ڏک جي لهر جي ڇانيل آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا تي واقعي جي نندا ڪندي اهو چيو پيو وڃي ته اهڙي قسم جي ڪابه محبت ناهي هوندي جنهن ۾ ناڪامي تي ماڻهو وحشي بڻجي وڃي ٿو ۽ عورت کي قتل ڪري ڇڏي يا پاڻ آپگهات ڪري.
واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي پسند ڪرڻ ڪو ڏوهه ناهي پر زبردستي ڪرڻ جنونيت ۽ حيوانيت آهي.
واقعي کانپوءِ پوليس جا اعليٰ عملدار پڻ اسپتال پهتا جن جو چوڻ هو ته جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي.
مقتولا يسريٰ ۽ آڪاش پٺاڻ خيرپور ناٿن شاهه جي عباسي محلي جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن.