ڊاڪٽرن معذور شخص کي نوان هٿ لڳائي ڇڏيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڊاڪٽرن هٿن کان محروم شخص جي ڪامياب سرجري ڪري کيس نوان هٿ لڳائي ڇڏيا اهي هٿ مُئل شخص عطيو ڪيا هئا.
ڀارتي ميڊيا موجب 45 ورهين جو جو شخص جيڪو ماضي ۾ پينٽر هو هڪ ٽرين حادثي ۾ پنهنجن هٿن کان محروم ٿي ويو هو جنهن کي ذهني طور تي مُئل قرار ڏنل عورت جا هٿ لڳايا ويا.
عورت مينا مهتا پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجا جسماني عضوا موت کان پوءِ عطيو ڪرڻ جي وصيت ڪئي هئي، ان کان اڳ سندس بُڪيون، جيرو ۽ اکيون به ٻين مريضن کي لڳايون ويون هيون.
هٿن کان محروم شخص جي ڪامياب سرجري کان پوءِ ڊاڪٽرن جي ٽيم مريض سان گڏ هڪ گروپ فوٽو به ڪڍرايو آهي.
ڊاڪٽرن موجب ان سرجري ۾ 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت لڳو جنهن ۾ عطيو ڪندڙ جي هٿن ۽ رسيور جي ٻانهن جي هر شريانيءَ، پٺي، ٽينڊونز ۽ رڳن کي ڳنڍيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.