سلمان خان سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو: شرڌا ڪپور

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا شرڌا ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته هن سپر اسٽار سلمان خان سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
عاشقي 2 فلم ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪارا شرڌا ڪپور هڪ تازي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هن جي عمر 15 سال هئي ته کيس سلمان خان سان گڏ فلم ”لڪي: ناٽ ٽائيم فار لو“ ۾ ڪم جي آڇ ٿي هئي.
اداڪارا موجب هوءَ ان وقت پنهنجي تعليم جاري رکڻ چاهي پئي جنهن جي ڪري هن فلم ۾ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
شرڌا ڪپور جو چوڻ هو ته فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري تعليم تي ڌيان ڏيڻ تمام ڏکيو هو ڇو جو سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو سونهري موقعو ضايع ڪري ڇڏيو هو.
اداڪارا ٻڌايو ته امريڪي يونيورسٽي ۾ تعليم دوران هن هڪ ڪافي شاپ تي به ڪم ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.