ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا گهٽجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن جا نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بينڪ موجب پهرين مارچ تي ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي ۾ ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 1.85 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿيا.
اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پهرين مارچ تي ذخيرا 13 ارب ٻه ڪروڙ ڊالر رهيا، مرڪزي بينڪ جا ذخيرا 5.39 ڪروڙ ڊالر گهٽجي 7.89 ڊالر رهيا، جڏهن ته ڪمرشل بينڪن جا ذخيرا 3.54 لک ڊالر واڌ سان 5.12 ارب ڊالر رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.