مون کي پنهنجي پڦاٽ بلاول تي ڏاڍو فخر آهي: ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ باني ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته مون کي پنهنجي پڦاٽ بلاول ڀٽو زرداري تي فخر آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل بابت صدارتي ريفرنس تي پنهنجي مختصر راءِ جاري ڪئي هئي.
ان ڪيس جي هر ٻڌڻي تي بلاول ڀٽو زرداري کي حاضر ۽ ڪيس جي پيروي ڪندي ڏٺو ويو، جڏهن ته ڪيس تي ايندڙ سپريم ڪورٽ جي راءِ تي پ پ چيئرمين عدالت ۾ لڙڪ لاڙي ويٺو هو.
بلاول ڀٽو زرداري جي پنهنجا ڳوڙها اگهڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي، ان وڊيو کي پنهنجي انسٽاگرام تي شيئر ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ردعمل ڏنو آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر انسٽاگرام اسٽوري تي لکيو ته ”مون کي پنهنجي ڪزن تي ڏاڍو فخر آهي، بلاول هر ٻڌڻي ۾ پروقار انداز ۾ شرڪت ڪئي“.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.