هٿرادو مِٺاڻ وارا شربت پيئڻ سان وڏي بيماري جو خطرو!

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هڪ تازي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اُهي ماڻهو جيڪي هٿرادو مٺاڻ تي ٻڌل شربت پيئندا آهن انهن ۾ دل جي ڌڙڪي جي بي قاعدگي جو خطرو وڌي ويندو آهي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪي هٿرادو مٺاڻ وارا شربت استعمال ڪن ٿا انهن ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ دل جي ڌڙڪي جي باقاعدگي جو خطرو وڌي وڃي ٿو.
برطانيا جي بائيوبئنڪ (هيلٿ ڊيٽا بيس) جي 5 لک ماڻهن تي ڪيل مطالعي مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اهڙن ماڻهن ۾ دل ڌڙڪي جي مسئلي جو خطرو 20 سيڪڙو ڏٺو ويو جن هڪ هفتي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 1.8 ليٽر هٿرادو مٺاڻ وارا شربت پيتا هئا.
آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن به تحقيق جي حوالي سان پنهنجي پريس رليز ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي ته جيڪي ماڻهو عام کنڊ وارا شربت پيئن ٿا، انهن ۾ اهو خطرو اڌ يعني 10 سيڪڙو گھٽجي وڃي ٿو جڏهن ته ميون جي خالص جوس کانسواءِ ڪنهن کنڊ گڏيل شربت سان اهو خطرو 8 سيڪڙو تائين ٿي وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.