سعودي عرب ۾ بنگلاديشي کي قتل ڪرڻ تي 5 پاڪستانين جا سر قلم

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ هڪ ڪمپني جي گارڊ کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ 5 جوابدارن کي موت جي سزا ڏني وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جوابدارن هڪ ڪمپني ۾ ڌاڙي جي نيت سان گھڙي ٻن گارڊن کي رسي سان ٻڌو ۽ تشدد جو نشانو بڻايو هو جن مان هڪ گارڊ فوت ٿي ويو هو. فوتي گارڊ جو واسطو بنگلاديش سان هو.
قتل جي واردات تي سعودي عرب جي پوليس 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو جن کي مڪمل ۽ شفاف جاچ کان پوءِ عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي.
ان کان پوءِ جوابدارن جي سزا کي اپيل ڪورٽ ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ به برقرار رکيو. شاهي حڪم جي ذريعي موت جي سزا تي عمل جي منظور ڏني وئي جنهن تي جوابدارن کي مڪي شهر ۾ موت جي سزا ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.