اقليتي سينيٽر فلسطينين جو زبردست حامي،پارليامينٽ ۾ سڀني کي مات

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) اقليتي سينيٽر دنيش ڪمار پارليامينٽ ۾ سمورن ميمبرن کي مات ڏئي ڇڏي، فلسطينين جي مدد 20 ڪروڙ رپين جي فنڊ جي آڇ ڪري ڇڏي،هڪ ڪروڙ رپيا پنهنجي طرفان ڏيڻ جو اعلان، سينيٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مان ڪڏهن ڪڏهن قرآن پاڪ پڙهندو آهيان، تازو ئي مون قرآن جي هڪ آيت پڙهي آهي، جڏهن فلسطين جهڙو معاملو ٿئي ٿو ته مون کي شرم اچي ٿو ته اسان هن ايئرڪنڊيشن ماحول ۾ رڳو قراردادون منظور  ڪري رهيا آهيون، عملي طور تي ڪجهه ڪم نه پيا ڪريون،هن چيو ته  اسلام ۾ آهي ته ظلم خلاف وڙهو، نٿا وڙهي سگهو ته ان خلاف ڳالهايو، جيڪڏهن ڳالهائي نٿا سگهو ته اها ڳالهه دل ۾ ڪريو، اهي سڀ شيون ڪٿي آهن؟اتي فلسطيني شهيد نه پيا ٿين،اتي انسانيت مري رهي آهي،اسان کان ته اهي ڪافر ملڪ ڀلا آهن جتي روزانو فلسطينين جي حمايت ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن،هن چيو ته پاڪستاني اقليت برادري پاران فلسطينين جي حمايت جو اعلان ڪريان ٿو، اسان هندن سنڌ ۾ اهلبيت جي به مدد ڪئي هئي، اهي هتي اسان جا مهمان هئا،انهن تي ظلم ڪيو ويو اسان انهن سان گڏجي ويڙهه ڪئي هئي،پنهنجي فلسطيني ڀائرن لاءِ به اها روايت برقرار رکنداسين،سڀ کان پهرين اتي جنگبندي ٿيڻ گهرجي، هن ايوان مان هڪ امدادي جهاز وڃڻ گهرجي، سڀ کان پهرين هڪ ڪروڙ رپيا ڏيندس،تجزئي نگارن مطابق دنيش ڪمار پوري پارليامينٽ ۾ بازي کڻي ويو، هن پاڪستاني مسلمانن جو ضمير جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 06 مارچ 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.