ڪنهن کي ڪهڙي وزارت ملندي؟ مشاورت مڪمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ مشاورت مڪمل ڪري ورتي.
ذريعن موجب محمد اورنگزيب کي ناڻي وارو وزير، خواجا آصف کي بچاءَ وارو وزير ۽ اسحاق ڊار کي پرڏيهي وزير بڻائڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته احسن اقبال کي منصوبابندي، ترقي ۽ نجڪاري وزارتن جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته عطا تارڙ کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ملڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب راڻا ثناءُ الله کي گهرو معاملن بابت خاص مددگار بڻائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته شمشاد اختر کي ناڻي بابت خاص مددگار مقرر ڪري سگهجي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته امير مقام کي آبي وسيلن واري وزارت ۽ مصدق ملڪ کي پيٽروليم ۽ توانائي واري وزارت ڏيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جي مصطفيٰ ڪمال کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير بڻائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته فيصل سبزواري کي پورٽ اينڊ شپنگ ۽ فاروق ستار کي اوورسيز وزارت ڏيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.