استاد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار ڪريو: نصيرآباد ۾ وات تي تالا ٻڌي ريلي، احتجاج

نصيرآباد(رپورٽ: بشير احمد بروهي) نصيرآباد ۾ شھيد استاد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وات تي تالا ٻڌي انوکو احتجاج، نصيرآباد ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ  ۾ قتل ٿيل قومي ڪارڪن ۽ استاد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سسئي لوهار ۽ سورٺ لوهار جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرين وات کي تالا هڻي 19 هين ڏينھن به نوناري پاڙي کان ٿاڻي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي انوکو احتجاج ڪيو ويو، ريلي ۾ عورتن، سياسي، سماجي ڌرين ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي  مقتول جي ڌيئرن سسئي لوهار، سورٺ لوهار، ايس يو پي اڳواڻ علي گل ڪانڌڙو ۽ ٻين چيو ته قمبر ۾ چيف جسٽس سنڌ اچي ٿو انھيءَ کي اسان درخواست ڏينداسين ته مقتول هدايت لوهار جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ته جيئن اسان کي انصاف ملي سگھي، ڪافي ڏينھن ٿي ويا آھن مقتول هدايت لوهار جو نصيرآباد ٿاڻي قتل ڪيس داخل ڪرايو آھي پر پوليس قاتلن کي گرفتار نه ٿي ڪري اسان روز ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيون ٿا پر اسان جي ڪو به دانھن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته مقتول هدايت لوهار جا قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.