پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي منع نامو جاري ڪري ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي اسپيڪر کي مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کان حلف وٺڻ کان روڪي ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس شڪيل احمد مخصوص سيٽن تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪيندي سڀاڻي تائين منع نامو جاري ڪري ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي سڀاڻي تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پڇيو ته ڇا مخصوص سيٽن لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهجي ٿو؟
عدالت اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي عدالتي مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ لارجر بئنچ جي جوڙجڪ لاءِ ڪيس چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ کي موڪلي ڇڏيو.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن لاءِ سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست رد ڪندي 1-4 جي شرح سان فيصلو جاري ڪيو هو، جڏهن ته پنجاب جي ميمبر بابر حسن ڀروانا اختلافي نوٽ لکيو.
اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سبب سني اتحاد ڪائونسل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 77 سيٽن کان محروم ٿي وئي هئي، جنهن خلاف سني اتحاد ڪائونسل عدالت سان رابطو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.