ڪراچي جي ضلعي حڪومت مضبوط ڪرڻ بابت آئيني ترميم ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته پ پ جو ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ سٺو سنئوڻ هوندو، ذميواريون ورهائجي وينديون، ڪراچي جي ضلعي حڪومت مضبوط ڪرڻ بابت آئيني ترميم ٿيڻ گهرجي.
پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جيڪڏهن ٽي وڏيون جماعتون ڪابينا جو حصو بڻجي ويون ته ذميواريون ورهائجي وينديون، ٽن وڏن صوبن مان سياسي جماعتون هونديون ته ڪابينا سٺي ٿي ويندي، ڪابينا جو سائز وڏو نه هجڻ گهرجي.
هن چيو ته تعليم ۽ صحت جهڙيون وزارتون صوبن کي منتقل ٿيڻ گهرجن، 10 کان 12 وزارتون صوبن کي منتقل ڪرڻ جي بلاول جي تجويز جي حمايت ڪيان ٿو، ضلعي حڪومتون مضبوط ڪرڻ سان اسيمبلي ميمبرن جو بار گهٽ ٿيندو، ڪراچي جي ضلعي حڪومت مضبوط ڪرڻ بابت آئيني ترميم ٿيڻ گهرجي، ڪراچي وڏو شهر آهي، دنيا ۾ وڏن شهرن ۾ مضبوط مقامي حڪومتون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.