پهرئين مڙس غلام حيدر سيما ۽ سچن کي 3-3 ڪروڙن جو قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پب جي گيم کيڏندي ڀارتي شهري سان محبت ۾ گرفتار ٿي 4 ٻارن سوڌو ڀارت ويندڙ عورت سيما حيدر جي پهرئين مڙس غلام حيدر، سيما ۽ سچن کي 3-3 ڪروڙن جو قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب پهرئين مڙس غلام حيدر، سيما ۽ سندس مڙس سچن کي 3-3 ڪروڙ ڀارتي رپين جو نوٽيس موڪليو آهي، غلام حيدر پنهنجي ٻارن کي پاڪستان واپس آڻڻ لاءِ ڀارتي وڪيل جون خدمتون حاصل ڪيون آهن.
غلام حيدر وڪيل علي مومن جي معرفت موڪليل قانوني نوٽيس ۾ چيو آهي ته سيما ۽ سچن هڪ مهيني اندر معافي ڪري ڏنڊ جمع ڪرائين، نه ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
سيما حيدر جي پهرئين مڙس غلام حيدر پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته سيما حيدر 10 مئي 2023 ۾ ٻارن سميت غير قانوني طور تي ڀارت هلي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.