ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه مسلسل چوٿين ڏينهن به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 9 سئو رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 21 هزار 2 سئو رُپين ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 771 رُپيا واڌ ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 89 هزار 643 رُپيا آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 3 ڊالر واڌ کانپوءِ 2 هزار 86 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like