اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيف جسٽس جي سربراهي ۾ نوَ مئي واقعن جي عدالتي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پنهنجي خطاب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ محمود اچڪزئي چئي رهيو هوته ٺهراءُ پاس ڪيو ته سياست ۾ مداخلت نه ٿئي، اوهان جيترا به ٺهراءَ پاس ڪريو جيستائين سياستدان پاڻ هڪٻئي جي عزت نه ڪندا ته ٻيو ڪوئي به نه ڪندو.
پ پ چيئرمين نوَ مئي واقعن بابت چيو ته مون ٻڌو آهي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير نوَ مئي واقعن بابت جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، وڏو وزير ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ته انڪوائري جي فيصلي کي قبول ڪندو ته مان سندس حمايت ڪيان ٿو.
ان موقعي تي بلاول وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته نوَ مئي واقعن بابت جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ۽ چيف جسٽس کي درخواست تي آهي ته هو ان ڪميشن جي سربراهي ڪري.
سائفر بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سائفر جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون ۽ ڀٽو صاحب سان ڀيٽ ڪئي وئي، ڀٽو صاحب چيو هو ته سيني ۾ ملڪي راز کڻي هليو ويندس، عمران خان جي گرفتاري جي ٻئي ڏينهن سائفر هڪ پرڏيهي خابرو اداري ۾ ڇپجي ويو.
سندس چوڻ هوته ڇا اوهان سمجهو ٿا ته پاڪستان جو عوام بيوقوف آهي؟ سائفر جي جاچ ٿيڻ گهرجي، آئين سڀني لاءِ آهي، جيڪڏهن ڪو به آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ته ان کي سزا ملڻ کپي، مان ان جو ڏوهٽو آهيان جنهن ڦاهي قبول ڪئي پر پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي.
بلاول ڀٽو جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن حڪومتي ڊائس آڏو بيهي رهيا ۽ نعريبازي ڪندا رهيا.
بلاول اپوزيشن کي مخاطب ڪندي چيو ته هي گاريون ڏئي رهيا آهن ۽ مان چئي رهيو آهيان ته مان سندن دفاع ڪندس، جيڪڏهن سندن ڪائي جائز شڪايت هوندي ته ساڻن گڏ بيٺو هوندس پر جيڪڏهن هي غير آئيني ۽ غير جهموري ڪم ڪندا ته مان سندن مقابلو ڪندس.
هن چيو ته اسان کي اهڙو فيصلو ڪرڻو پوندو جنهن سان ايوان مضبوط ٿئي ۽ ملڪ جو مستقبل روشن ٿئي، پاڪستان جي عوام اهڙو فيصلو ٻڌايو آهي جو اوهان کي مجبورن گڏجي فيصلا ڪرڻا پوندا، پاڪستان جو عوام پيغام ڏئي رهيو آهي ته هو اسان جي ذاتي تڪرارن مان بيزار ٿي چڪا آهن.
اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته عوام غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري مان تنگ ٿي چڪا آهن، عوام ڪنهن هڪ پارٽي کي اڪثريت نه ڏني، عوام ان لاءِ ووٽ ناهي ڏنو ته هتي اچي گاريون ڏيو، جيڪڏهن اوهان کي ووٽ مليا آهن ته عوام کي معاشي بحران کان بچايو.
هن وڌيڪ چيو ته شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي پر آمدني ۾ اضافو ناهي ٿي رهيو، اسان جي فيصلن سبب اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي، معيشت مشڪل ۾ آهي، سڀني کي دعوت ڏئي رهيا آهيون ته گڏجي پاڪستان کي هن مشڪل مان ڪڍڻو آهي ان معاملي تي اسان جو ساٿ ڏيو.
بلاول جو چيف جسٽس جي سربراهي ۾ نوَ مئي واقعن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو
Prev Post
Next Post
You might also like