اسلام آباد ويب ڊيسڪ) بي اين پي سربراهه اختر مينگل صحافين ۽ سياسي قيدين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل صحافين ۽ سياسي قيدين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو آهي.
پنهنجي خطاب دوران هن چيو ته گذريل ڏينهن پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي تقرير غور سان ٻڌي اميد هئي، مون سمجهو ته وزيراعظم رياستي ادارن ۾ قيد صحافين جي آزاديءَ جو اعلان ڪندو.
سندس چوڻ هو ته جيئن سرحدن تي فوج هٿيار کڻي الرٽ بيٺل هوندي آهي ائين صحافي قلم کي هٿيار بڻائي اسان کي سچ جو رستو ڏيکاريندا آهن.
سندس چوڻ هو ته هو بلوچستان جي قيدين جي ڳالهه ناهي ڪري رهيو ڇو ته اتي اسان سياسي نه جنگي قيدي آهيون.
هن چيو ته گوادر جنهن کي پاڪستان جي ترقيءَ جو جُهومر چيو ويندو آهي اِهو ٻڏي ويو آهي.
Next Post
You might also like