اسلام آباد ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي، جڏهن ته اپوزيشن اڳواڻن جي تقرير دوران سرڪاري ٽي وي پي ٽي وي تي نشريات بند ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران، اسد قيصر، بئريسٽر گوهر ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سردار اختر مينگل جي تقرير دوران به نشريات بند ڪئي وئي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل صحافين ۽ سياسي قيدين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو آهي.
پنهنجي خطاب دوران هن چيو ته گذريل ڏينهن پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي تقرير غور سان ٻڌي اميد هئي، مون سمجهو ته وزيراعظم رياستي ادارن ۾ قيد صحافين جي آزاديءَ جو اعلان ڪندو.
سندس چوڻ هو ته جيئن سرحدن تي فوج هٿيار کڻي الرٽ بيٺل هوندي آهي ائين صحافي قلم کي هٿيار بڻائي اسان کي سچ جو رستو ڏيکاريندا آهن.
سندس چوڻ هو ته هو بلوچستان جي قيدين جي ڳالهه ناهي ڪري رهيو ڇو ته اتي اسان سياسي نه جنگي قيدي آهيون.
هن چيو ته گوادر جنهن کي پاڪستان جي ترقيءَ جو جُهومر چيو ويندو آهي اِهو ٻڏي ويو آهي.
You might also like