اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اين ڊي ايم اي ملڪ ۾ شديد برساتن جي هڪ ٻئي اسپيل جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي.
اين ڊي ايم اي موجب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 5 کان 7 مارچ تائين برسات جو امڪان آهي، خيبر پختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پنجاب جي مٿين علائقن ۾ مينهن وسندو، ان دوران ڪجهه علائقن ۾ آنڌاري ۽ ڳڙي جو به امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب راولپنڊي جي برساتي ۽ مقامي ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي، جڏهن ته تازين برساتن کانپوءِ موسم غير معمولي طور ٿڌي ٿي وئي آهي.
You might also like