ڪاٽو 80 سينٽي گريڊ ۾ ڪم ڪندڙ بيٽري تيار

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني سائنسدانن ليٿيم آين واري اهڙي بيٽري تيار ڪئي آهي جيڪا ڪاٽو 80 سينٽي گريڊ پاري ۾ به ڪم ڪري سگھي ٿي.
چين ۽ ٻين ملڪن پاران تيار ٿيندڙ ليٿيم بيٽريون گھڻن ٿڌن خطن ۾ ڪم نه ڪري سگھنديون آهن. هاڻي تمام گھڻن ٿڌن خطن ۾ به بيٽري کي ڍنگ سان ڪم ڪرڻ جوڳو رکڻ لازمي ٿي ويو آهي.
زي جيانگ يونيورسٽي جي پروفيسر فان شيولن ٻڌايو آهي ته ماهرن اهڙو اليڪٽرو لائيٽ تيار ڪيو آهي جنهن جي مدد سان ليٿيم بيٽري کي هر قسم جي موسم ۾ ڪم ڪرڻ جوڳو بڻائڻ ۾ ڀرپور مدد ملندي.
ماهرن جو چوڻ هو ته نئين ٽيڪنالاجي جي مدد سان تيار ڪيل ليٿيم بيٽريز کي گاڏين کانسواءِ گھڻين شين ۾ استعمال ڪري سگھبو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.