بل گيٽس پاران اي آءِ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان نئين اڳڪٿي

مائڪرو سافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس ڪافي عرصي کان آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) کي اهم قرار ڏئي رهيو آهي، هاڻ هن اڳڪٿيڪئي آهي ته اها ٽيڪنالاجي صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ انقلابي تبديليون آڻڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.
ڀارت جي دوري تي موجود بل گيٽس هڪ انٽرويو ۾ چيو ته مستقبل ۾ اي آءِ ٽيڪنالاجي ۾ وڏي اڳڀرائي ٿيندي جنهن سان اسان کي اهم شعبن ۾ اڳتي وڌڻ ۾ مدد ملندي، اها ٽيڪنالاجي بهتر دوائن جي تياري ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ اسان يقينن ان کي تعليمي شعبي ۾ به استعمال ڪري سگھنداسين.
هن چيو ته ان ٽيڪنالاجي سان بهترين تجربا ڪيا پيا وڃن ۽ شاگردن جي معاونت جي حوالي سان ڪافي سٺي اڳڀرائي ٿي آهي.
بل گيٽس چيو ته اڃا اهو واضح نه آهي ته اي آءِ ٽيڪنالاجي ڪيتري تيزي سان اڳتي وڌي پئي ۽ اسان ان کي ڪيتري حد تائين هاڪاري ڪمن لاءِ استعمال ڪري سگھون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.