تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون آهن.
حسين امير عبداللهيان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي شهباز شريف کي واڌايون ڏنيون.
حسين امير جو چوڻ هو ته شهباز شريف کي 24 هون وزيراعظم چونڊجڻ تي پرجوش واڌايون پيش ڪريان ٿو.
هن وڌيڪ لکيو ته اسلامي جمهوري ايران گڏيل لاڳاپن ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.
حسين امير عبداللهيان ايڪس تي شهباز شريف جي ايوان ۾ تقرير جي تصوير به شيئر ڪئي.
Prev Post
You might also like