سگريٽ ڇڪڻ جي عادت مان ڇوٽڪارو ڪيئن حاصل ڪجي؟

سگريٽ ڇڪڻ جي عادت جيڪڏهن هڪ ڀيرو پئجي وڃي ته ان مان جان ڇڏائڻ سولو ڪم نه آهي، اهو ئي سبب آهي جو گھڻا ماڻهو ان ڪوشس ۾ ناڪام ٿي ويندا آهن ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ ٻيهر ان خراب عادت جو شڪار ٿي ويندا آهن.
هن جديد دور ۾ نوجوانن جو وڏو انگ سگريٽ ڇڪيندي نظر اچي ٿو ڇو جو نوجوانن ۾ اهو فيشن ٽرينڊ به سمجهيو وڃي ٿو جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ذهني دٻاءَ جي صورت ۾ به سگريٽ جو استعمال ڪن ٿا.
سگريٽ جا نقصان
سگريٽ ۾ موجود نڪوٽين يا تماڪ دماغ کي هوريا هوريان سُن ڪندو آهي جڏهن ته اهو ڦڦڙن لاءِ به گھڻو هاڃيڪار ثابت ٿيندو آهي.
سگريٽ ڇڪڻ جي عادت مان جان ڇڏائڻ لاءِ اوهان هيٺ بيان ڪيل طريقن تي عمل ڪري سگھو ٿا.
سگريٽ ڇڏڻ لاءِ نڪوٽين ريپليسمينٽ ٿيراپيز ڪرائڻ گھرجن، جنهن لاءِ اوهان کي گھرجي ته جڏهن به اوهان کي سگريٽ جي ٻاڙٿئي ته اوهان نڪوٽين ببل گم جو استعمال ڪريو.
ان کانسواءِ نڪ ۾ وڌو ويندڙ نوزل اسپري ۽ انهيلر جو استعمال به اوهان جي ان عادت کي ڇڏڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته جسماني ورزش نه رڳو صحت لاءِ ضروري آهي پر اها تماڪ جي طلب کي به ختم ڪري سگھي ٿي، مخصوص ورزش ڪري سگريٽ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.