مڙس سان گڏ ڀارت گهمڻ ويل پرڏيهي عورت سان اجتماعي لڄالٽ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اسپين جي عورت سياح جو ريپ ڪندڙ ٽن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب پنهنجي مڙس سان گڏ موٽر بائيڪ تي ڀارت گهمندڙ اسپين جو عورت جو ڀارتي رياست جهارکنڊ ۾ اڻڄاتل ماڻهن ريپ ڪيو.
جهار کنڊ جي ضلعي ڊمڪا ۾ اهو پرڏيهي جوڙو رات ڪئمپ ۾ گذارڻ لاءِ ترسيو هو ۽ اتي جمعي جي رات جوابدارن عورت کي هوس جو نشانو بڻايو.
پوليس موجب متاثر عورت رات 11 وڳي علائقي ۾ گشت تي مقرر هڪ پوليس جي گاڏي وٽ پهتي، جتان کيس علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث هجڻ جي شڪ تي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.