سون چوٽ چڙهي ويو، هزارين رپيا واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ اڄ مسلسل ٽئين ڏينهن واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 3500 رپيا واڌ کانپوءِ ٻه لک 20 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 3001 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 88 هزار 872 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 36 ڊالر واڌ سان 2083 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.