سعودي عرب: رمضان المبارڪ دوران مسجدن ۾ افطاري تي پابندي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي اسلامي معاملن ۽ رابطن واري وزارت رمضان المبارڪ دوران مسجدن ۾ افطاري ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
سعودي عرب جي اسلامي معاملن ۽ رابطن واري وزارت موجب ان فيصلي جو مقصد مسجدن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ آهي.
مسجدن لاءِ خاص هدايتون جاري ڪندي چيو ويو آهي ته رمضان المبارڪ دوران ماڻهن کي افطار ڪرائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جا عطيا قبول نه ڪيا ويندا.
جاري ڪيل هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ مسجدن جي ٻاهران افطاري ڪرائي سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.