ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ ٿڌ جي تازي لهر کي غير معمولي قرار ڏئي ڇڏيو.
موسمياتي تجزئي نگار موجب اولهه هوائن جو سسٽم ڪراچي مان نڪري چڪو آهي ۽ شهر ۾ هاڻ برسات جو ڪو امڪان ناهي، جڏهن ته اوڀر سنڌ مان به سسٽم اڄ نڪري ويندو.
موسمياتي تجزئي نگار ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ آسمان صاف، موسم خشڪ ۽ رات ٿڌي رهندي، شهر ۾ ڪجهه ڏينهن تائين ڪوئيٽا جون ٿڌيون هوائون گهلنديون رهنديون، هوا جي رفتار 30 کان 40 ڪلو ميٽر في لاڪ تائين پهچي سگهي ٿي.
تجزئي نگار موجب شهر ۾ غير موسمي ٿڌ جي اها لهر مختصر دورانيي جي آهي پر ان جي نتيجي ۾ پارو 11 کان 9 ڊگري تائين ڪِري سگهي ٿي.
هوڏانهن چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو ته ڪراچي ۾ ٿڌ جي تازي لهر غير معمولي آهي، مارچ 1979 ۾ ڪراچي جو پارو 7 ڊگري تائين ڪِريو هو.
هن چيو ته مارچ ۾ اهڙي ٿڌ ناهي ٿيندي ۽ مارچ ۾ ٿيندڙ برساتون به غير معمولي آهن.
You might also like