ڀارتي اداڪارا فلم جي بدلي پروڊيوسر جي شرمناڪ مطالبي تان پردو کڻي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا انڪيتا لوکنڊي بالي ووڊ ۾ ڪاسٽنگ ڪائوچ تي ڳالهائيندي چيو آهي ته کيس فلم حاصل ڪرڻ لاءِ پروڊيوسر گڏ سمهڻ جو چيو هو.
انڪيتا لوکنڊي پنهنجي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته مان سائوٿ فلم جو آڊيشن ڏنو هو، مون کي ڪال آئي ته فلم سائن ڪرڻ اچي وڃو، ان ڪال تي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي، مان ماءُ کي ٻڌايو ته اها به حيران هئي ته اهو سڀ ايڏي سولائي سان ڪيئن ٿي ويو.
سندس موجب ان دوران منهنجي ذهن ۾ سوال اڀري رهيو هو ته اهو ايڏو آساني سان ڪيئن ٿي ويو، جڏهن فلم سائن ڪرڻ ويس ته مون کي اندر گهرايو ويو ۽ چيو ويو ته فلم حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي سمجهوتو ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته منهنجي عمر ان وقت رڳو 19 سال هئي، مان سوال ڪيو ته ڪهڙو سمجهوتو؟ جواب ڏنو ويو ته توهان کي پروڊيوسر سان گڏ سمهڻو پوندو.
انڪتينا موجب مان آڇ رد ڪندي چيو ته مون کي نٿو لڳي توهان جي پروڊيوسر کي ٽئلينٽ جي ضرورت آهي، ان کي رڳو هڪ ڇوڪريءَ جي ضرورت آهي ۽ مان اها ناهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.