انوار الحق ڪاڪڙ وزيراعظم هائوس خالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وزيراعظم هائوس خالي ڪري روانو ٿي ويو.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وزيراعظم هائوس خالي ڪري منسٽر انڪليو منتقل ٿي ويو، کيس منسٽر انڪليو ۾ بنگلو نمبر 15 الاٽ ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته آچر تي قومي اسيمبلي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ نئين وزيراعظم جي چونڊ ٿيندي، جنهن کانپوءِ نئون وزيراعظم پي ايم هائوس منتقل ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.